پاڪستان ۽ ازبڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

پاڪستان ۽ ازبڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

آستانه (پاکستان نیوزپوائنٹ 8جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ مصنوعات ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر ۾ سهولت جي لاءِ واپاري پاليسين ۾ مناسب سڌارا آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سمورن شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ توانائي تعاون، مواصلات ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي ميدان ۾ ازبڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ڪالهه خميس ڏينهن هتي ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ازبڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ڇو ته ٻئي ملڪ گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائديمند تعاون جي بنياد تي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ازبڪستان متاثر ڪندڙ سالياني اقتصادي واڌويجهه ۽ وسيع توانائي وسيلا رکندڙ آهي جڏهن ته پاڪستان جا وسيع صنعتي ۽ زرعي بنياد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ مثالي ماحول فراهم ڪن ٿا. وزيراعظم تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ مصنوعات ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر ۾ سهولت جي لاءِ واپاري پاليسين ۾ مناسب سڌارا آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.