شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي نتيجي ۾ خطي جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ اقتصادي خوشحالي جي راهه هموار ٿيندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي نتيجي ۾ خطي جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ اقتصادي خوشحالي جي راهه هموار ٿيندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

آستانه (پاکستان نیوزپوائنٹ 8جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اميد ظاهر ڪئي ٽه شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي جاري سربراهه اجلاس جي نتيجي ۾ خطي جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ اقتصادي خوشحالي جي راهه هموار ٿيندي. هن اها ڳالهه قزاخستان جي صدر نور سلطان نذربايوف سان ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي اچڻ کانپوءِ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم توانائي، علائقائي رابطن ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ قزاخستان سان تعاون لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي. هن 17 هين ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي نور سلطان نذربايوف جا ٿورا مڃيندي سربراهه اجلاس جي ميزباني تي کيس مبارڪباد پڻ ڏني. هن شاندار مهمان نوازي تي پڻ قزاخستان جي صدر جا ٿورا مڃيا.