وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد روانو

وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد روانو

مدينه منور(پاکستان نیوزپوائنٹ 23مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري ڏينهن مدينه منوره کان اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. پرنس محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مدينه منوره جي گورنر شهزاده فيصل بن سلمان ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. مدينه جي گورنر سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا آزمايل آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط ٿيا آهن. هن چيو ته اسان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن جي تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو خواهشمند آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي مدينه جي گورنر چيو ته اسان پاڪستان سان لاڳاپن جو گهڻو احترام ڪريون ٿا، هي مذهبي پس منظر رکندڙ ڀائر ملڪ آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري جي دوران پهرين آمريڪا عرب اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، هن مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري به ڀري، وزيراعظم رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا به ڪئي.