دهشتگردي خلاف اسلامي ملڪن وچ ۾ معاهدي جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

دهشتگردي خلاف اسلامي ملڪن وچ ۾ معاهدي جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

مدينه منوره (پاکستان نیوزپوائنٹ 22مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي امن کي متاثر ڪندڙ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران ڪالهه سومر ڏينهن پاڻ سان گڏ ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب اٽڪل 120 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي مالي نقصان ۽ هزارين قيمتي جانين جي زيان سان وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح اولهه دنيا دهشتگردي خلاف گڏ ٿي رهي آهي اهڙي طرح دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلمان امت کي پڻ متحد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف موثر انداز ۾ منهن ڏيندي تمام گهڻي حد تائين ان لعنت جي روڪٿام ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان کي به دهشتگردي خلاف موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ گهرجي. سمٽ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اها هڪ سٺي ميٽنگ هئي. هن چيو ته ڪانفرنس دوران هن ٻين اڳواڻن سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.