وزيراعظم جي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گول ميز اجلاسن ۾ شرڪت

وزيراعظم جي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گول ميز اجلاسن ۾ شرڪت

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مئ2017ء) وزيراعظم محمدنواز شريف سومر ڏينهن بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گول ميز اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٻين عالمي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جامع ترقي جي لاءِ ويجهي حصيداري جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. گول ميز اجلاسن جو موضوع گڏيل حصيداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ جامع ترقي جي لاءِ رابطن جو فروغ ۽ تعاون چونڊيو ويو. بيجنگ ۾ يانچي لاڪي جي بين الاقوامي ڪانفرنس سينٽر ۾ منعقد ڳالهين ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ چين جو صدر زي جن پنگ ۽ ٻين ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن به شرڪت ڪئي. بي آر ايف جي ٻي ڏينهن تي عالمي اڳواڻن ورڪنگ لنچ ۾ به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.