پاڪستان چين جي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان چين جي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي ون بيلٽ ون روڊ (او بي او آر) منصوبي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، خطي جي استحڪام لاءِ ان منصوبي جي مڪمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي يانگ سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا جي خطي ۽ عالمي سطح تي پائيدار اقتصادي ترقي جي حوالي سان مختلف خطن جي رابطن ۽ واپار ۾ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌرين پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو جيڪو چين جي صدر زي جن پنگ جي ون بيلٽ ون روڊ نظريي جو اهم ۽ بنيادي حصو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چين جي وزيراعظم کي او بي او آر فورم جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان منصوبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن خاص طور تي چيو ته چين جي دوري لاءِ وفد جي جوڙجڪ ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت کي يقيني بڻايو ويو آهي جيڪا چين پاڪستان دوستي جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته چين خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ فعال پاليسيون رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سي پيڪ منصوبي تي چين جو انتهائي ٿورائتو آهي، سي پيڪ خطي جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ تمام وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو. ملاقات ۾ پنجاب جي وڏو وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏو وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وزير خرم دستگير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.