پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم محمد نواز شريف

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 15مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان موقعي تي سڀني کي فائدو ٿيندو. ڪالهه سومر ڏينهن گڏيل پڌرنامي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ هن فورم منعقد ڪرڻ تي چيني صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت فورم کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جو موضوع تحسين جوڳو آهي، ون بيلٽ ون روڊ عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. وزيراعظم خطي ۽ دنيا جي لاءِ فورم کي تاريخي بڻائڻ تي چيني حڪومت ۽ عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ مملڪتي سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي شرڪت چيني صدر جي اعليٰ قيادت جو ثبوت ۽ عالمي منظر تي چين جي اڀرندڙ حيثيت جو اعتراف آهي. هن چيو ته فورم جي ڪاميابي ۽ او بي او آر جي صلاحيت کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ منهنجي لاءِ، منهنجي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته ان بنيادي قدم جي لاءِ اسان جي حمايت جو اظهار گڏيل پڌرنامي ۾ پڻ آهي، گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانونن موجب امن، تعاون، شفافيت، جامعيت، برابري، گڏيل مفاد ۽ گڏيل احترام جي جذبي کي سربلند رکڻ جي سلسلي ۾ اهي قدم عالمي سطح تي سڀني جي لاءِ بهترين ڪامياب تعاون جو اظهار آهي. هن چيو ته رابطا صرف ملڪن ۽ واپار کي ڳنڍڻ جو نالو نه آهي پر گڏيل قومن ۽ ماڻهن کي ڳنڍڻ جو نالو آهي. شن جيانگ جو گوادر ۽ ڪراچي سان رابطي ذريعي اسان نه رڳو ٻن قومن کي ڳنڍي رهيا آهيون پر وسيع پئماني تي ٻن خطن کي ڳنڍي رهيا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف اوڀر وچ ۽ آفريقا سان رابطا ٿيندا پر ٻئي طرف يورپ ۽ باقي دنيا سان به رابطو ٿيندو. هن چيو ته ٺوس ترقي جو اهو عالمي ماڊل گڏيل خوشحالي جي عالمگير اصولن تي ٻڌل آهي جنهن جي چيني صدر ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته فورم بنيادي اهميت رکندڙ آهي جتي اسان جي شرڪت سان اڻٿڪ نظرين، تصورن ۽ رابطن کي فروغ مليو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ اسان سڀ ٺوس ۽ وسيع تر لاڀ حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ ضروري آهي ته اسان مسلسل جائزي جي لاءِ هڪ اداراجاتي مڪينزم قائم ڪريون ۽ او بي او آر جي پاليسين ۽ منصوبن جي تياري ۽ انهن تي عملدرآمد ڪريون. هن چيو ته اسان کي ان منفرد موقعي کي هڪ پرامن، ترقي پسند، جامع ۽ پائيدار دنيا جي تعمير جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي.