سنڌ جي نئين سر تعمير ڪنداسين، عوام جي زخمن تي مرهم رکنداسين، سنڌ جي ڳوٺن ۽ قبصن کي نئون ولولو ڏينداسين، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تازيون هوائون هلنديون، بجلي، گئس، پاڻي، صحت جي سهولتن کانسواءِ هتي موٽرويز پڻ ٺهندا: وزيراعظم محمد نواز شريف

سنڌ جي نئين سر تعمير ڪنداسين، عوام جي زخمن تي مرهم رکنداسين، سنڌ جي ڳوٺن ۽ قبصن کي نئون ولولو ڏينداسين، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تازيون هوائون هلنديون، بجلي، گئس، پاڻي، صحت جي سهولتن کانسواءِ هتي موٽرويز پڻ ٺهندا: وزيراعظم محمد نواز شريف

ٺٽو (پاکستان نیوز پوائنٹ 09مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سنڌ جي نئين سر تعمير ڪنداسين، عوام جي زخمن تي مرهم رکنداسين، سنڌ جي ڳوٺن ۽ قبصن کي نئون ولولو ڏينداسين، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تازيون هوائون هلنديون، بجلي، گئس، پاڻي، صحت جي سهولتن کانسواءِ هتي موٽرويز پڻ ٺهندا، اسان سنڌ جون محروميون ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ جي ڳوٺن کي پنجاب جي شهرن جهڙو ٺاهينداسين، شاهه لطيف ڀٽائي ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي جي اڃ اجهائينداسين، عوام سان گڏجي تعمير ۽ ترقي جو ڪم ڪنداسين. هن ٺٽي ۾ 500 بسترن جي اسپتال قائم ڪرڻ کانسواءِ ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت جي فراهمي لاءِ علائقي ۾ صحت ڪارڊز جي فراهمي جي پروپگرام، بجلي، گئس، پاڻي ۽ رستن جي تعمير جا منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هو ڪالهه خميس ڏينهن ٺٽي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته جن مسئلن جو هتي ذڪر ڪيو ويو اهي صوبي جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ صوبائي حڪومت کي انهن کي حل ڪرڻ گهرجي ها پر اهي حل نه ٿي سگهيا ان لاءِ وفاقي حڪومت اهي سمورا مسئلا حل ڪندي، الله مون کي وزيراعظم بڻايو آهي ان لاءِ اهي مسئلا حل ڪري ڏيکاريندس، اسان سنڌ جي نئين سر تعمير ڪنداسين، عوام جي زخمن تي مرهم رکنداسين، سنڌ جي وستين ۽ واهڻن کي نئون ولولو ڏينداسين، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تازيون هوائون هلنديون، بجلي، گئس، پاڻي، صحت جي سهولتن کانسواءِ هتي موٽرويز به ٺهندا، اسان سنڌن جون محروميون ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ جي ڳوٺن کي پنجاب جي شهرن جهڙو ٺاهينداسين، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي جي اڃ اجهائينداسين. هن چيو ته مستحق عوام کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پنجاب، بلوچستان، آزاد ڪشمير، فاٽا ۽ گلگت بلتستان ۾ هيلٿ ڪارڊز جي اسڪيم شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن چيو هو ته اهي ڪم پاڻ ڪندا. وزيراعظم چيو ته هتي اهڙا ماڻهو به آهن جن جو سموري جمع پونجي خرچ ٿيڻ باوجود علاج ناهي ٿي سگهندو، ان لاءِ اسان مفت علاج جي سهولت لاءِ هيلٿ ڪارڊز پروگرام شروع ڪيو، ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊز جاري ڪيا ويندا ۽ هتان جي ماڻهن کي صحت ڪارڊز جاري ڪرڻ جي لاءِ آئون پاڻ ايندس، صحت ڪارڊز رکندڙ ماڻهن کي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ٻنهي قسمن جي اسپتالن ۾ علاج جي مفت سهولت ميسر هوندي جنهن سان خالق ۽ مخلوق ٻئي راضي هوندا. ان موقعي تي وزيراعظم ٺٽي ۾ 500 بستر جي اسپتال قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته هي هڪ وڏي اسپتال هوندي جنهن سان ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر ٿينديون. وزيراعظم نواز شريف علائقي جي مختلف ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته جتي جتي بجلي جي ضرورت هوندي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته 2013ع ۾ بجلي جي صورتحال تمام خراب هئي جڏهن ته هاڻي حالتون تمام بهتر آهن، ماڻهن کي ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ بجلي جا بل ضرور ادا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته بجلي جي وزير ۽ سيڪريٽري کي جلد هتي موڪليو ويندو جيڪي هتي ويهي ان مسئلي کي حل ڪندا. وزيراعظم چيو ته آئون جيڪو چوندو آهيان اهو ڪري ڏيکاريندو آهيان، هتي اچڻ کان اڳ سموري تياري مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ منصوبن تي ڪم ۽ فنڊن بابت حڪم جاري ڪيا ويا آهن، سجاول ۽ ٺٽي کي گئس جي فراهمي جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن، ان منصوبي تي 110 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي. وزيراعظم چيو ته اهو توهان تي احسان نه آهي پر توهان ماڻهن جو حق ۽ وزيراعظم جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي. هن چيو ته پاڻي ڪٽائو سبب هتان جي قيمتي زرعي زمين سمنڊ جي ور چڙهي رهي آهي، اهو به صوبائي حڪومت جو معاملو آهي جڏهن ته اسان سمجهون ٿا ته ان کي فوري طور تي حل ٿيڻ گهرجي ان لاءِ اسان ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ حفاظتي بند تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي هڪ عظيم الشان منصوبو آهي جنهن سان هتي سنهري زمينن کي سمنڊ حوالي ٿيڻ کان محفوظ بڻايو ويندو ۽ ان جو فائدو پوري علائقي کي ٿيندو، ان منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جنهن جي روشني ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گهارو ڪيٽي بندر منصوبي جي حوالي سان اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان سلسلي ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪري ڪم شروع ڪيو وڃي، ان منصوبي جي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ 50 ڪلوميٽر ڊگهن ڳوٺاڻن رستن جي لاءِ پڻ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي، ان کانسواءِ ٻنهي ضلعن ۾ گهٽين پاڙن ۾ نيڪالي، گهٽين کي پڪو ڪرڻ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 20، 20 ڪروڙ رپين جي فنڊن جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد 6 ڦاڪن وارو موٽروي تقريبن تيار ٿي چڪو آهي، اهڙي طرح حيدرآباد کان سکر، سکر کان ملتان ۽ ملتان کان اڳتي رستو تعمير هيٺ آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان سڀني کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته علائقي ۾ صحت، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي سهولت جي فراهمي کانپوءِ يونيورسٽي پڻ قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته صحت ڪارڊز جي لاءِ سروي منعقد ڪرڻ ۾ ٽي، چار مهينن جو وقت لڳي ويندو جنهن کانپوءِ هو پاڻ هتي اچي صحت ڪارڊز جاري ڪندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته کيس يقين آهي ته هتان جا ماڻهو اڳتي به ان ئي جوش ۽ جذبي ۽ پيار ۽ محبت سان ملندا. ان موقعي تي شيرازي ڀائرن سيد اعجاز شاهه شيرازي ۽ سيد شفقت شاهه شيرازي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ علائقي جي عوام پاران بجلي، گئس، صحت، پاڻي ۽ رستن جي تعمير سميت مختلف مطالبا پيش ڪيا. هنن وزيراعظم جي علائقي ۾ اچڻ تي آجيان ڪندي چيو ته هتان جي ماڻهن جون نظرون وزيراعظم نواز شريف تي کتل آهن، هنن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جي ضلعن کي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاڻي انهن جا مسئلا حل ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي۔