وزيراعظم پاران ٺٽي ۾ عوام جي مطالبن کان وڌيڪ اعلان

وزيراعظم پاران ٺٽي ۾ عوام جي مطالبن کان وڌيڪ اعلان

ٺٽو (پاکستان نیوز پوائنٹ 09مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ٺٽي ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ٺٽي جي عوام جي مطالبن کان وڌيڪ انهن جي لاءِ اعلان ڪيا، وزيراعظم جي اعلانن جي زبردست آجيان ڪئي وئي ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن ڀرپور تاڙيون ۽ نعرا هنيا. ڪالهه خميس ڏينهن عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ٺٽي اچي تمام گهڻو خوش آهي هن عوام پاران والهاڻي محبت جي اظهار تي چيو ته هو ٺٽي جي عوام سان محبت جي رشتي ۾ واڳيل آهي ۽ ساڻن دوستي ۽ محبت نڀائيندو. وزيراعظم ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان جي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عوام پرجوش انداز ۾ تاڙيون وڄايون ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا جنهن تي وزيراعظم چيو ته اڃا توهان کي ٻيا به تحفا ڏيڻا آهن. وزيراعظم ٺٽي جي لاءِ 500 بسترن جي اسپتال، ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي ۽ گئس جي فراهمي لاءِ ڪروڙين رپين جي فنڊ جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيترا ڳوٺ چوندا بجلي ڏيڻ جو واعدو ڪريان ٿو.