حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 14دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، الله جي فضل سان حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت سان گڏجاڻي لاءِ هتي پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته کيس حڪومت کي ڪو به خطرو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اسان جي حڪومت مدو پورو ڪندي جڏهن ته جون ۾ عبوري حڪومت ٺهندي، حسن نواز جي آفيس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز، پٽ حسن نواز، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته لنڊن جي گڏجاڻي پهرين کان طئي ٿيل هئي ۽ هي ڪو مخصوص فيصلو ڪرڻ لاءِ نه هئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ان بيان ته کيس اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ جو يقين ناهي، جي باري ۾ وزيراعظم چيو ته اها سندس ذاتي راءِ آهي، جيڪڏهن اسپيڪر کي ڪي خدشا آهن ته هو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم جيڪو القدس شريف جي باري ۾ او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ترڪي کان لنڊن پهتو هو، چيو ته هن سربراهه ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو واضح موقف پيش ڪيو، اميد آهي ته آمريڪا پنهنجو سفارتخانو يروشلم منتقل ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندو، ان موقعي تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي صاف لفظن ۾ چيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ دفعو ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، هن چيو ته اسان ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ انشاءُ الله حڪومت جوڙينداسين.