فلسطيني عوام جي لاءِ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

فلسطيني عوام جي لاءِ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

استنبول(پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء)   وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني عوام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته فلسطيني عوام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي، پاڪستان آمريڪا تي زور ڏي ٿو ته هو بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي تعميل ڪندي ٻه رياستي حل کي نئين سر ورجائي، ڪشمير مسئلي جي معاملي تي به سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي ۽ ڪشميري عوام جي پنهنجي آزادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد کي دهشتگردي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان پنهنجي سياسي، اقتصادي، مواصلاتي ۽ فني ڪمزورين تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ پنهنجي ڀائرن جو پائيدار دفاع ڪرڻ کان قاصر هونداسين پوءِ ڀلي اهي فلسطين ۾ هجن يا ڪشمير ۾، اميد آهي ته ڏک ۽ ڪاوڙ جي اظهار جا ڪجهه مظاهرا جيئن جو تيئن صورتحال جي قبوليت ۾ تحليل نه هوندا، او آءِ سي سربراهه اجلاس آمريڪا جي نظرثاني ٿيل فيصلي کي متفقه طور تي رد ڪري، سڄي دنيا جا مسلمان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ گڏ ٿين، اسان کي عالمي برادري ۾ عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندڙن سان مضبوطي سان گڏ بيهڻو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه اربع ڏينهن بيت المقدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي غيرمعمولي وقت آهي. هن چيو ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اها اميد پيدا ڪئي هئي ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي درپيش سمورن مسئلن جي حوالي سان مسلمان امت پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪندي متحد ٿي جواب ڏيندي. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اهم موڙ تي بيٺل آهيون، اڄ هر مسلمان جي ذهن ۾ سوال آهي ته ڇا اسان پنهنجي اختلافن کان مٿانهون ٿي سوچينداسين ۽ اسان متحد ٿي پنهنجي عوام کي اميد جو پيغام ڏينداسين يا پوءِ پڌرنامو منظور ڪنداسين جيڪي موثر قدمن ۾ نه ڍلجي سگهندا هجن. وزيراعظم چيو ته بيت المقدس کي اسرائيل جو نام نهاد گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخاني کي تل ابيب کان مقدس شهر منتقل ڪرڻ جو آمريڪي فيصلو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن خاص طور تي قرارداد 476 ۽ 478 جي کلي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اها مقدس شهر جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ان فيصلي جي مذمت کي ورجائيندي چيو ته اسان جي پارليامينٽ يعني سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي متفقه طور تي انهن ئي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، اسان فلسطيني عوام ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا تي زور ڏي ٿو ته هو پنهنجو فيصلو رد ڪري ۽ سلامتي ڪائونسل جي سمورن لاڳو قراردادن جي مڪمل تعمير ڪري ۽ ٻه رياستي حل کي نئين سر ورجائي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان او آءِ سي ۽ اسلامي دنيا سان گڏجي فلسطيني عوام ۽ انهن سان واعدو ڪيل ملڪ جي لاءِ انهن جي جائز خواهشن سان سدائين يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، او آءِ سي جي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان کي قرارداد نمبر 476 ۽ 478 سميت سلامتي ڪائونسل ۾ قراردادون پيش ڪرڻ تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان متفقه عالمي پيراميٽرز، 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي جي حيثيت سان اسان کي ٻن اهم سوالن تي سنجيدگي سان خوداحتسابي جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين ته اسان ان رستي تي ڪيئن آيا آهيون؟ حقيقت اها آهي ته اسان يڪجهتي ۽ اتحاد جي پنهنجي اظهار کي ٺوس شڪل ناهي ڏني، اهو نه رڳو فلسطين جي لاءِ پر ٻين گڏيل مقصدن جي لاءِ به سچ آهي، دنيا وسعت ۽ شدت جي لحاظ کان اهڙي قسم جي الميي جي شاهد آهي، گذريل 70 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارت جي غيرقانوني ڏاڍ جي ور چيڙهيل آهي، ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي جي معاملي تي پڻ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي ۽ ڪشميري عوام جي پنهنجي آزادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد کي دهشتگري جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياسي، اقتصادي، مواصلاتي ۽ فني ڪمزورين تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ پنهنجي ڀائرن جو پائيدار دفاع ڪرڻ کان قاصر هونداسين پوءِ ڀلي اهي فلسطين ۾ هجن يا ڪشمير ۾ هجن. ان ئي صورتحال جي ڪري آمريڪا سفارتخانو يروشلم منتقل ڪرڻ جي انتهائي پريشان ڪندڙ قدم کنيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻيو اهم سوال اهو آهي ته اسان جو ردعمل ڇا هجڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي ان کي پنهنجو مقصد سمجهي قبول ڪرڻ گهرجي؟ اسان اميد ڪريون ٿا ته ڏک ۽ ڪاوڙ جي اظهار جا ڪجهه مظاهرا جيئن جو تيئن صورتحال جي قبوليت ۾ تحليل نه هوندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو ردعمل واضح اظهار ۽ يڪجهتي ۽ اتحاد جي تجديد هجڻ گهرجي، اسان کي فوري طور تي پنهنجي سياسي اختلافن کي به ختم ڪرڻو آهي، اسان کي پنهنجي خوبين کي گڏ ڪندي ٺوس پروگرام ۽ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي، ان ئي ٻاهرئين دٻاءُ کي روڪڻ ۽ نقصانن کان بچائڻ جو ضامن هوندو ۽ انهن ئي قدمن جي ڪري اسان پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان ڪيترائي آپشنز غور جي لاءِ تجويز ڪنداسين، سفارتي طور تي جيڪڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جواب ڏيڻ کان قاصر رهي ٿي ته جنرل اسيمبلي ۾ اسان کي حمايت حاصل ڪرڻي آهي، ٻيو قابض فوج جي روين کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي اقتصادي قدمن تي عمل ڪرڻ آهي، ٽيون اهو ته تازن قدمن تي انصاف جي عالمي عدالت کان مشاورتي راءِ ورتي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي سربراهه اجلاس آمريڪا جي نظرثاني ٿيل فيصلي کي متفقه طور تي رد ڪري، سڄي دنيا جا مسلمان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ گڏ ٿين، اسان کي عالمي برادري ۾ عالمي ضمير جنجهوڙڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙن سان گڏ مضبوطي سان بيهڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته القدس شريف جي گادي واري شهر سان فلسطيني عوام جي لاءِ هڪ خودمختيار ملڪ مسلمان امت ۽ او آءِ سي جي لاءِ واحد روڊ ميپ آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري وٽ انصاف جي اصولن جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جو موقعو آهي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل تي زور ڏي ٿو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي بنيادي ڪردار ۾ ناڪامي تي ان جي ساک متاثر ٿيندي.