وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين جي ملاقات

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله ٻه ابن الحسين آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخاني کي يروشلم منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هنن ان ڳالهه جو اظهار ڪالهه اربع ڏينهن هتي او آءِ سي غيرمعمولي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جي خلاف آهي، ان فيصلي کي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شاهه عبدالله ٻه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ ترڪيءَ ۾ پاڪستان جو سفير سائرس قاضي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.