او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس ترڪي جي شهر استنبول ۾ شروع ٿي ويو

او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس ترڪي جي شهر استنبول ۾ شروع ٿي ويو

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو غير معمولي سربراهه اجلاس اربع ڏينهن ترڪي جي شهر استنبول ۾ شروع ٿيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هي اجلاس آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ ۽ آمريڪي سفارتخانو اتي منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي رد عمل ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ترڪي ميڊيا ذريعن موجب تاريخي شهر استنبول ۾ او آءِ سي جي هنگامي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان، افغانستان، آذربائيجان، بنگلاديش، انڊونيشيا، فلسطين، گني، ايران، قطر، ڪويت، ليبيا، لبنان، صوماليه، سوڊان، ٽوگو، اردن، يمن، جبوتي ۽ ملائيشيا جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته اومان جي نائب وزيراعظم کانسواءِ قازقستان ۽ ازبڪستان جي پارليامينٽ جا اسپيڪر پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. اسلامي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وار هنڌ تسليم ڪرڻ جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو ويندو. مبصر ملڪن ۾ اتر قبرص ترڪ جمهوريه جو صدر مصطفيٰ آڪن جي ۽ مهمان صدر طور وينزويلا جو صدر نڪولس مادورو پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا.