ترڪي عالمي برادري کان اوڀر يروشلم کي فلسطيني گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

ترڪي عالمي برادري کان اوڀر يروشلم کي فلسطيني گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ 13دسمبر2017ء) ترڪي عالمي برادري کان اوڀر يروشلم کي فلسطيني گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. عالمي ميڊيا موجب ترڪ پرڏيهي وزير مولود چائوش اوگلو اها ڳالهه اسلامي ملڪن جي ان سربراهي اجلاس جو افتتاح ڪندي چئي جيڪو ترڪ حڪومت آمريڪا پاران يروشلم کي اسرائيلي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي ردعمل ۾ گهرايو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته سڀ کان اڳ سمورن ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. چائوش اولو ان اجلاس ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. ان موقعي تي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪن جا اڳواڻ استنبول ۾ موجود آهن.