وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم جون وفدن جي سطح تي ڳالهيون

وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم جون وفدن جي سطح تي ڳالهيون

مالي (پاکستان نیوزپوائنٹ 25جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون. ڪالهه اڱاري ڏينهن مالي ۾ صدارتي آفيس مالي ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران وزيراعظم جي معاونت پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، سينيٽر پرويز رشيد، پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جي صدر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ حقن جي تحفظ تي قائم آهن. وزيراعظم چيو ته سياحت، واپاري فروغ، اعليٰ تعليم ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ صلاحيت جي حوالي سان گڏيل مفادن جي ڪيترين ئي ياداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اقتصادي تعاون جي اهميت تي خاص طور تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪو هن وقت پنهنجي صلاحيت کان گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان مالديپ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل قائم ڪرڻ سان نه رڳو واپار کي فروغ ملندو پر مختلف شعبن ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۾ پڻ اضافو ٿيندو. وزيراعظم دفاع، صحت، تعليم، راندين، ماهيگيري، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي امڪانن تي پڻ خاص طور تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سارڪ جو پليٽ فارم ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري ماحول جي بهتري لاءِ موقعا فراهم ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سارڪ جي چارٽر جي حوالي سان پرعزم آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته سارڪ علائقائي تعاون جي هڪ مثالي تنظيم ٿابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي مسئلن تي گهري ڳڻتي رکي ٿو جنهن سبب مالديپ جهڙن جزيره نما ملڪن کي خطرا درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي شعبي ۾ مالديپ سان تعاون لاءِ تيار آهي. وزيراعظم مالديپ جي صدر سان نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پرجوش استقبال ۽ مالديپ جي 52 هين آزادي جي ڏهاڙي وارين تقريبن ۾ شرڪت جي خصوصي دعوتنامي تي مالديپ جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ مالي ۾ پنهنجي اچڻ جي موقعي تي وزيراعظم جو استقبال مالديپ جي صدر ڪيو ۽ کيس گارڊ آف آرنر سان گڏ توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.