وزيراعظم مالديپ جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور مڪمل ڪري وطن واپس روانو

وزيراعظم مالديپ جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور مڪمل ڪري وطن واپس روانو

مالي (پاکستان نیوزپوائنٹ 27جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف مالديپ جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور مڪمل ڪرڻ کانپوءِ خميس ڏينهن وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. مالي جي ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم، خاتون اول ۽ ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم کي والهاڻي انداز ۾ الوداع ڪيو، کيس دوري جي تصويرن تي ٻڌل البم به پيش ڪيو ويو. دوري دوران بيگم ڪلثوم نواز، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي مالديپ جي 52 هين يوم آزادي جي تقريبن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ان دوري جي دعوت مالديپ جي صدر عبدالله يامين عبدالقيوم ڏني هئي، وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ مالديپ جي صدر سان باضابطه ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، ماحولياتي تبديلي، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ڪيترن ئي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، وزيراعظم جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويو.