وزيراعظم اڄ شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪندو

وزيراعظم اڄ شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪندو

جده (پاکستان نیوزپوائنٹ 12جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ سومر ڏينهن شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪندو. شاهه سلمان بن عبدالعزيز دوري تي آيل وفد جي مان ۾ افطار ۽ آجياڻو پڻ ڏيندو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف جده پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم نار ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سينيئر عملدار به گڏ آهن.