وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گيٽرس جي ملاقات

وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گيٽرس جي ملاقات

آستانه (پاکستان نیوزپوائنٹ 9جون2017ء) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گيٽرس شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو هڪ اهم ميمبر ۽ گڏيل قومن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن ڪالهه جمعي ڏينهن قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي، عالمي ۽ ٻطرفي اهميت وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ هڪ اهم سنگ ميل ۽ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي ٻين ميمبر ملڪن سان ويجهي تعاون ۽ مستحڪم لاڳاپن تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي پراڻي تڪرار سميت موجوده سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نواز شريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ رياستن ۽ ٻين ڌرين جي وچ ۾ امن ۽ تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏيل تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي حمايت ڪئي. سيڪريٽري جنرل گذريل 37 سالن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته خطي ۽ دنيا ۾ امن هر ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهي.