وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هانگ ڪانگ پهچي ويو

وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هانگ ڪانگ پهچي ويو

هانگ ڪانگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 16مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف هانگ ڪانگ جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري ڏينهن هتي پهچي ويو، هانگ ڪانگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم نواز شريف ون بيلٽ ون روڊ – پاڪستان سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هانگ ڪانگ ۽ چين جون وڏيون ڪاروباري ڪمپنيون شرڪت ڪنديون. ان ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي اڀرندڙ ڪاروباري موقعن کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان هوندو، چيف ايگزيڪيٽو هانگ ڪانگ سي وائي ليونگ به فورم کي خطاب ڪندو. سيڙپڪاري فورم جو اهتمام هانگ ڪانگ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل هانگ ڪانگ جي حڪومت جي سهڪار سان ڪيو آهي. وزيراعظم هتي رهڻ دوران 17 مئي تي هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيٽو سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن خاص طور تي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم هانگ ڪانگ ۽ چين جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن سان به ملندو. هو هانگ ڪانگ ۾ پنهنجي قيام دوران هانگ ڪانگ جي چونڊيل چيف ايگزيڪيٽو مسز ڪيري لام سان به ملاقات ڪندو.