وزيراعظم سان هانگ ڪانگ جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقاتون، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر

وزيراعظم سان هانگ ڪانگ جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقاتون، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر

هانگ ڪانگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 17مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان هانگ ڪانگ جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن اربع ڏينهن هتي ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سان زيڊ ٽي اي ڪارپوريشن جي چيئرمين يائي من، شانڊونگ هائي اسپيڊ گروپ جي چيئرمين سن ليانگ ۽ بيجنگ انٽر پرائيزز هولڊنگ لميٽيڊ جي چيئرمين وانگ ڊونگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جي پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ بزنس رابطن کي ترقي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڄاڻايل سربراهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪيو جنهن جي ذريعي غير ملڪي سيڙپڪارن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون آهن. هانگ ڪانگ جي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو پاڪستان ۾ بزنس ۽ واپار جي موقعن جي ڳولا تي ڪم ڪندا، واضح رهي ته زيڊ ٽي اي ڪارپوريشن ڪميونيڪيشن جي اوزارن ۽ نيٽ ورڪ جون خدمتون فراهم ڪندي آهي ۽ ان جو بزنس دنيا ۾ 140 ملڪن ۾ پکڙيل آهي، شانڊ ونگ هائي اسپيڊ گروپ ٽرانسپورٽ جي صنعت کي ترقي ڏيندڙ سرڪاري ڪمپني آهي ۽ بيجنگ انٽر پرائيزز ڪمپني بنيادي طور تي شهرن ۾ گئس، واٽر ٽريٽمينٽ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ جي شعبن ۾ ڪم ڪندي آهي۔