پاڪستان جي توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن (اين اي اي) هڪ ڀروسي جوڳو ۽ موثر حصيدار آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان جي توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن (اين اي اي) هڪ ڀروسي جوڳو ۽ موثر حصيدار آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن (اين اي اي) هڪ ڀروسي جوڳو ۽ موثر حصيدار آهي، چيني حڪومت ۽ چيني نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن ذريعي توانائي بحران جي خاتمي ۾ پاڪستان جي مدد تعاون جو اعليٰ مثال آهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جي اهتمام هيٺ منعقد ڀاشا پراجيڪٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري کانسواءِ وفاقي وزير احسن اقبال، اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، انوشه رحمان، خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم چيو ته نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن نه رڳو پاڪستان ۾ توانائي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي پر ان ڏکي صورتحال مان ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي توانائي جي شعبن جي ماهرن کي تربيت پڻ فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان چيني نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جي تجربن مان فائدو کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته توانائي تي گڏيل ورڪنگ گروپ پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ترقي لاءِ ٺوس بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تحت وڏين توانائي جي منصوبن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته ان موقعي مان فائدو کڻندي ايندڙ سال جي وچ تائين توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اسان جي ڪوششن جو هڪ اهم عنصر ارلي هارويسٽ پراجيڪٽ تي تيزي سان عملدرآمد هوندو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته 300 ميگاواٽ جو شمسي توانائي جو منصوبو ۽ 50 ميگاواٽ جا ٻه ونڊ پاور منصوبا بجلي جي پيداوار شروع ڪري چڪا آهن، ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ جو 600 ميگاواٽ جو پهريون يونٽ جون ۾ پنهنجي پيداوار شروع ڪندو، پورٽ قاسم ڪول پراجيڪٽ جو پهريون يونٽ هلندڙ سال نومبر ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ بجلي جي پيداوار ۽ ٽرانسميشن جي ڪيترن ئي منصوبن تي عملدرآمد پڻ تيزي سان جاري آهي. هن چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ جي تصور جو حوالو ڏيندي چيو ته سي پيڪ منصوبو نه رڳو پاڪستان جي لاءِ پر پوري خطي جي لاءِ گيم چينجر هوندو، ان سان سماجي، اقتصادي ترقي، خطي ۽ ان کان ٻاهر غربت جي خاتمي، امن ۽ خوشحالي کي هٿي ملندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سي پيڪ رڳو هڪ اسٽريٽجڪ معاهدو ئي نه پر اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو ثمر آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي ڪاميابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وڏي انگ ۾ ملڪن ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترقي ۽ ڊگهي مدي واري خوشحالي جي لاءِ پاڪستان کي نه رڳو توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي ضرورت آهي پر ان جي پاڻي ذخيري ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڏن قدمن جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ اسان جي حڪومت جو ڌيان هن علائقي ۾ پاڻي کان وڌ ۾ وڌ فائدو کڻڻ تي آهي ۽ ڀاشا ڊيم جي تعمير ان ڏس ۾ هڪ انتهائي اهميت وارو قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي انتهائي اهميت آهي، انهن کي ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن کي آڏو رکي ڏسڻو پوندو. ڪانفرنس ۾ چين جي توانائي جي شعبي جي ڪمپنين جي نمائندن ۽ سربراهن ڊيم منصوبي جي حوالي سان پنهنجي اسٽڊي کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم سي پيڪ تحت توانائي جي منصوبن تي معاهدن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جن تي منصوبابندي ۽ ترقي واري سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ صحيحون ڪيون.