حڪومت سي پيڪ منصوبي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت سي پيڪ منصوبي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 13مئ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، حڪومت توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد ۾ موثر ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار چين جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر زي جن پنگ سان ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف ان موقعي تي چيو ته سي پيڪ منصوبو چين جي صدر جي ون بيلٽ ون روڊ ويزن جو اهم عنصر آهي.هن چيو ته اسان سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان چين جي قيادت جي عزم کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم عالمي ترقي بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ ۾ آهي. چيني حڪومت جي انتظام هيٺ 14 ۽ 15 مئي تي منعقد ٿيندڙ فورم ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي 29 مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته 130 ٻين ملڪن جا اعليٰ سطحي جا وفد پڻ فورم ۾ شرڪت ڪندا. عظيم عوامي هال ۾ پهچڻ تي چين جي صدر وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. ملاقات ۾ وزيراعظم سان گڏ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري سميت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. جڏهن ته چيني صدر سان گڏ سندس اعليٰ سطحي جو 9 رڪني وفد پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم چيني صدر سان ملاقات کان ٿوري دير اڳ ۾ پنهنجي چيني هم منصب لي ڪي يانگ سان ملاقات ڪئي ۽ گوادر ۾ مخصوص اقتصادي زون قائم ڪرڻ سميت ٻين ترقياتي منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته سندس وفد ۾ شامل اعليٰ سطحي جي ميمبرن پاڪ چين دوستي جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان چيني صدر جي ون بيلٽ ون روڊ ويزن جي فروغ لاءِ چين سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم صدر زي جن پنگ کي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيني گادي واري شهر ۾ سڄي دنيا جي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ موجودگي چين جي قيادت تي عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي عوامي پذيرائي حاصل آهي. هن گڏيل دوستي جي فروغ لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات دوران صدر زي جن پنگ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي ترقي جي حوالي سان ڪيل گڏيل ڪوششن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان سان ٻنهي دوست ملڪن جا گڏيل رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته سي پيڪ ۽ علائقائي رابطن ۾ اضافي جي ٻين منصوبن کانسواءِ پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن.