پاڪستان حڪومت انڌپڻ جي مرض کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان حڪومت انڌپڻ جي مرض کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت انڌپڻ جي مرض کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن هتي دولت مشترڪه سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڌپڻ جي حوالي سان فلاحي قدم کڻندڙ عالمي ادارن پيڪ ويزن ۽ سي بي ايم سان اجلاس ۾ چئي. واضح رهي ته پيڪ ويزن نور کان محرومي جي خاتمي لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ سمارٽ فون ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ صحت بابت افرادي قوت جي تربيت جي ميدان ۾ هڪ ناليوارو عالمي ادارو آهي، سي بي ايم اکين جي سارسنڀال تي خاص ڌيان ڏيندي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان عالمي سطح تي نور کان محرومي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عالمي غيرسرڪاري ترقياتي تنظيم آهي. اجلاس ۾ پيڪ ويزن جي نمائندگي ان جي سي اي او ۽ شريڪ باني ڊاڪٽر انڊريو باستائوروس ڪئي جڏهن ته سي بي ايم جي نمائندگي ڊائريڪٽرهيلٿ ڊاڪٽر بابر قريشي ڪئي. اجلاس ۾ علاج جوڳي انڌپڻ جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان کي درپيش وڏي چئيلنج تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هڪ اندازي موجب پاڪستان جا 80 لک کان وڌيڪ شهري ڏسڻ جي سگهه کان محروم ٿي رهيا آهن. سي بي ايم سان پيڪ ويزن پاڪستان جي صحت جي بنيادي ڍانچي ۽ عملي کي استعمال ۾ آڻي پاڪستاني شهرين جي لاءِ تشخيص ۽ علاج جي حوالي سان جديد ترين پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حصيداري جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پيڪ ويزن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي پاڪستان ۾ انڌپڻ جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڏس ۾ هڪ قومي پروگرام جي لاءِ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو اظهار پڻ ڪيو. پيڪ ويزن ۽ سي بي ايم ان نيڪ مقصد جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر سيد ابن عباس پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا.