وزيراعظم جي گڏيل فوجي مشق گلف شيلڊون جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت

وزيراعظم جي گڏيل فوجي مشق گلف شيلڊون جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت

الجبيل (سعودي عرب) (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان گڏ ڪالهه سومر ڏينهن 24 ملڪن جي گڏيل فوجي مشق گلف شيلڊون جي عظيم الشان پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ عسڪري مهارتن جو شاندار مظاهرو ڏٺو. سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز السعود عالمي اڳواڻن، دفاع واري وزير ۽ پرڏيهي وزير ۽ مختلف هٿياربند فوج جي سربراهن جي تقريب ۾ آجيان ڪئي جيڪي دمام جي اتر اوڀر ۾ اٽڪل 140 ڪلوميٽر پري صحرا ۾ منعقد ٿيون. وزيراعظم سان ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير هشام بن صديق پڻ گڏ هئا. 41 ملڪن جي اتحاد اسلامڪ ملٽري ڪائونٽر ٽيررازم ڪوليشن جو سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف پڻ تقريب ۾ شريڪ هو. رائل سعودي لينڊ فورسز جي مشق جي ڪمان تحت سلطنت جي شرقي ساحل سان گڏ منعقد ٿيندڙ ٽنهي فوجن جي گڏيل مشق جو اهتمام گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عملي تجربو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو. سعودي دفاع واري وزارت گلف شيلڊون مشق کي دنيا ۾ جديد ترين عسڪري نظام موجب استعمال ۾ آڻيندڙ جنگي مهارتن جي حوالي سان ان کي هڪ اهم موڙ قرار ڏنو آهي. تمام وڏي پئماني تي منعقد ٿيندڙ مشق جي پڄاڻي واري تقريب ۾ زميني، فضائي ۽ سامونڊي فوجن ٺوس حملن لاءِ استعمال ٿيندڙ مهارتن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهازن شاندار مهارت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي هدفن کي نشانو بڻايو. بعد ۾ مشق دوران بڪتربند گاڏين ۾ زميني فوج حملو ڪيو ۽ ان کي اپاچي گن شپ جي فضائي مدد حاصل رهي. ٻئي طرف سمنڊ مان سامونڊي فوج دشمن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جڏهن ته اسپيشل فورسز جي دستن مشق ۾ باقي شرپسند عنصرن جو صفايو ڪيو. اي پي پي جي خصوصي نمائندي جي رپورٽ موجب سعودي فرمانروا ۽ مهمان شخصيتن هڪ وڏي هال مان ان تقريب جو مشاهدو ڪيو جنهن جي ٽن طرفن تي وڏيون شيشي جون ڀتيون هيون ۽ صحرا جا منظر ڏسڻ جي لاءِ درجنين وڏيون ٽي وي اسڪرينون هنيون ويون هيون. فائر پاور شو جي پڄاڻي شرڪت ڪندڙ ملڪن جي دستن جي پريڊ ۽ سعودي عرب ۽ ٻين علائقائي فوجن پاران استعمال ڪيل توپن، هٿيارن جي نظام، لانگ رينج آرٽلري ۽ ميزائلن جي مظاهري سان ٿيو جڏهن ته ان موقعي تي فلائي پاسٽ جو پڻ شاندار مظاهرو ڪيو ويو. بعد ۾ سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز دورو ڪندڙ وفدن جي سربراهن سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايو ۽ ان جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اڳواڻن ۾ ابوظهبي جو ولي عهد ۽ يو اي اي هٿياربند فوج جو نائب ڪمانڊر شيخ محمد زيدالنهيان، بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد، مالي، چاڊ ۽ برڪينيا فاسو جا صدر شامل هئا. هي ايتري وڏي پئماني جي پنهنجي نوعيت جي منعقد ٿيندڙ پهرين مشق هئي جنهن ۾ دنيا جي 10 مضبوط ترين فوجن جي دستن شرڪت ڪئي. پاڪ فوج جي دستن، پاڪ فضائيه جي سي 130، جي ايف 17 ٿنڊر جهازن، پاڪ بحريه جي سامونڊي جهازن ۽ اسپيشل سروسز گروپ جي ڪمانڊرز مشق ۾ حصو ورتو. ان کانسواءِ ايف فائيو، ايف 15، ايف 16، ايف 18 سميت مختلف جديد جهازن گلف شيلڊون گڏيل مشق ۾ حصو ورتو. ان مشق جي مقصدن ۾ علائقائي ملڪن جي خلاف خطرن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ شامل آهي جيڪي انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ۽ ٺوس ڪوششن جا گهرجائو آهن. جن ملڪن جي دستن انهن مشقن ۾ حصو ورتو انهن ۾ پاڪستان، سوڊان، جبوتي، مصر، يو اي اي، چاڊ، گينيا، بحرين، ملائيشيا، موريطانيا، اردن، گيميبيا ۽ ڪويت شامل آهن. مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪندڙ ملڪن ۾ بنگلاديشن، ترڪيءَ، قطر، افغانستان، برڪينافاسو، آمريڪا، برطانيا، ڪيمرون جزائر، اومان ۽ نائجيريا شامل هئا. پاڪ بحريه جي سامونڊي جهازن پي اين ايس ٽيپو سلطان، پي اين ايس همت ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي شپ بسول پڻ مشق ۾ شرڪت ڪئي. گڏيل فوجي مشق ۾ بيقاعده جنگي مهم جوئي، سامونڊي دفاع، فضائي دفاع ۽ سمنڊ ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو تي ڌيان ڏو ويو. بحرين، سعودي عرب، ڪويت، ترڪيءَ، يو اي اي ۽ آمريڪا جي جنگي سامونڊي جهازن پڻ مشق ۾ حصو ورتو.