پاڪستان انٽراسٽيٽ گيس سسٽم ۽ پاور چائنا ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

پاڪستان انٽراسٽيٽ گيس سسٽم ۽ پاور چائنا ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

سانيا (چين) (پاکستان نیوزپوائنٹ 09اپریل 2018ء) پاڪستان انٽراسٽيٽ گيس سسٽم ۽ پاور چائنا جي وچ ۾ اتر کان ڏکڻ تائين گئس لائين وڇائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پاور چائنا لميٽيڊ جي نائب صدر لي يان منگ ان سلسلي ۾ سومر ڏينهن هتي منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هي گئس پائپ لائين بجلي جي پيداوار جي وڌندڙ گهرج ۽ صنعتي استعمال وارن علائقن ۾ سستي اگهن تي گئس جي محفوظ ۽ مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائيندي، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان اسٽيٽ آئل ۽ پاور چائنا جي وچ ۾ آئل ريفائنري جي تعمير ۽ خام تيل جي پائيپ لائين وڇائڻ بابت مفاهمت جي هڪ ٻي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هي منصوبو پيٽروليم منصوعات جي لاڳت گهٽ ڪرڻ ۾ مدد گار ٿيندو جيڪو هن وقت ڏاکڻين حصن ۾ ريفائنريز کان سڌو روڊ آندو پيو وڃي ۽ بنا رنڊڪ سپلائي کي يقيني بڻائيندو، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، چين ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خالد، پاڪستان ۾ چين جي سفير يائو جنگ ۽ سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.