وزيراعظم بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آچر تي چين جي شهر سان يا پهچندو

وزيراعظم بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آچر تي چين جي شهر سان يا پهچندو

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 06اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي آچر ڏينهن چين جي ٻيٽ هينان جي ڏاکڻئي شهر سان يا پهچندو. سرڪاري ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد لغاري به وزيراعظم سان گڏ هوندا.ايشيا بائو فورم جي سالياني اجلاس کي خطاب کانسواءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۽ ان سان ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو. وزيراعظم کي 8 کان 11 اپريل تائين منعقد بائو فورم فار ايشيا ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي، هلندڙ سال بائو فورم فار ايشيا جو موضوع ”عظيم خوشحالي لاءِ هڪ آزاد ۽ جدت رکندڙ ايشيا“ رکيو ويو آهي، فورم کي آسٽريليا جو صدر اليگزنينڊر وان ڊيربيلين، فلپائن جو صدر روڊ ريگوڊيوٽرٽ، منگوليا جو وزيراعظم يوخانجن ڪورل سوڪ، هالينڊ جو وزيراعظم مارڪ روٽ، سنگاپور جو وزيراعظم لي سين لونگ، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوئيتريش ۽ آءِ ايم ايف جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيان لاگارڊ خطاب ڪندا. فورم کي خطاب ڪندڙ اڳواڻ ٻه طرفي گهڻ رخي تعان، عالمي اسلوب حڪمراني، معيشت ۽ واپار بابت اهم معاملن جو جائزو وٺندا ۽ ان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. چيني صدر شي جن پنگ فورم کي اهم خطاب ۾ چين جي معيشت کي وڌيڪ آزاد ڪرڻ بابت قدمن جو اعلان به ڪندو. فورم ۾ 2 هزار کان وڌيڪ مندوبين جي شرڪت متوقع آهي.