وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق

وزيراعظم ۽ افغان صدر ۾ رابطن وسيلي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق

ڪابل (پاکستان نیوزپوائنٹ 06اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني رابطن جي ذريعي علائقائي سلامتي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ جمعي ڏينهن وفد جي سطح تي ڳالهين جي دوران ٿيو جيڪو افغان صدارتي محل ۾ منقعد ٿيو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ڳالهيون نهايت خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول ۾ ٿيون، افغان صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي آجيان ڪئي جڏهن ته وزيراعظم والهاڻي مهمانوازي تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، افغان صدر اشرف غني وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو، ٻئي پاسي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ افغان صدر اشرف غني ارگ مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغان صدر محمد اشرف غني جي دعوت تي افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي جمعي ڏينهن هتي پهتو، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جو گورنر اقبا ظفر جهڳڙا، قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه وزيراعظم سان گڏ آهن، افغان صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه استقبال جي تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ افغان صدر اشرف غني وزيراعظم جي آجيان ڪئي، وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، استقباليه تقريب کانپوءِ وزيراعظم جو تعارف افغان ڪابينا سان ڪرايو ويو جڏهن ته وزيراعظم پنهنجي وفد جي ميمبرن جو افغان صدر سان تعارف ڪرايو.