پاڪستان ماحولياتي چئلينجن جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين سان چڱي ريت آگاهه آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان ماحولياتي چئلينجن جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين سان چڱي ريت آگاهه آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 18دسمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي چئلينجن جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين سان چڱي ريت آگاهه ۽ عالمي برادري سان گڏجي ان سنجيده مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان سائنس پاليسي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قومي ماحولياتي پاليسي اختيار ڪري رکي آهي ۽ اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي بجيٽ جو 8 سيڪڙو به مخصوص ڪيو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ به ان ڏس ۾ قدم کنيو ۽ قومي موسمياتي تبديلي اٿارٽي ۽ قومي موسمياتي تبديلي ڪائونسل جهڙن ٻن ادارن جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم لاڳاپيل ڄاڻ جي فراهمي لاءِ ماحولياتي ادارو پاڪستان، تحقيق لاءِ گلوبل چينج ايمپيڪٽ اسٽيڊيز سينٽر ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ تي سيڙپڪاري گهڻي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان 2015ع ۾ موسمياتي تبديلي جي باري ۾ پيرس معاهدي جي توثيق ڪئي هئي ۽ هو نقصانڪار گئسن کي 20 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ لاءِ ان حوالي سان اصولن جي پاسداري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف وڌيڪ پرعزم انداز ۾ ان مسئلي تي ڌيان ڏنو هو جنهن کي تيز تر قدمن سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي انسانيت کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي ۽ ان تبديلي جي اثرن مان نڪرڻ لاءِ عالمي برادري هڪ پليٽ فارم تي متحد آهي، شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ تازي ڌنڌ جي مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته هي ماحولياتي مسئلي تي وڌيڪ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اکين ڏٺو معاملو هجڻ گهرجي، هن چيو ته خوش قسمتي سان پاڪستان صاف سٿري توانائي استعمال ۾ آڻي رهيو آهي ۽ بنيادي توانائي جو 50 سيڪڙو گئس مان حاصل ڪري رهيو آهي جڏهن ته 20 سيڪڙو پن بجلي ۽ ٻين ڀروسي جوڳي وسيلن مان حاصل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته لاڳاپيل بجلي گهرن کي درآمد ٿيل ايل اين جي سان هلايو پيو وڃي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ويجهي مستقبل ۾ ملڪ ۾ فرنس آئل سان هلندڙ سمورا بجلي گهر وڌيڪ فرنس آئل تي نه هلايا ويندا ۽ پاڪستان پهرين ئي يورو 11 ڊيزل استعنال ڪري رهيو آهي ۽ فرنس آئل کان منتقلي وسيلي ٻارڻ جي منفي اثرن ۾ گهٽتائي ايندي، هن چيو ته حڪومت ٽه رخي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ آبادي جي تحفظ، اقتصادي واڌ جي فروغ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ۽ مالياتي ذميدارين کي منهن ڏيڻ شامل آهي، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس موسمياتي تبديلي جي باري ۾ معلومات ۽ علم جي مٽاسٽا لاءِ ماهرن جي موثر رابطي جو باعث بڻجندي.