وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل گيٽس جي ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل گيٽس جي ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ڪالهه خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ مختلف بيمارين جي خلاف حفاظتي ٽُڪن جي پروگرام جو دائرو وسيع ڪرڻ سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي سرگرمين کي توسيع ڏيڻ ۾ پڻ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور تي پوليو جي خاتمي ۽ ٻين شعبن ۾ دلچسپي وٺڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ فائونڊيشن پاران ڪيل ڪم کي ساراهيو. بل گيٽس پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاران ان سلسلي ۾ ذاتي دلچسپي کي ساراهيو. بل گيٽس پاڪستان جي عوام لاءِ مالياتي خدمتون پهچ جوڳيون بڻائڻ جي لاءِ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو ته جيئن هو آن لائن خدمتن ۽ رقم جي منتقلي جي قابل ٿي سگهن. بل گيٽس گذريل چئن سالن دوران پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ ملندڙ ڪاميابين کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سموريون ڌريون پاڪستان ۾ رهجي ويل ٽن پاڪيٽس مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينديون. بل گيٽس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ جوڙيل ٽيم جي ميمبرن جي تسلسل کي پڻ ساراهيو جن ٽيم ورڪ ۽ ڪمٽمينٽ سان ساراهه جوڳو معيار حاصل ڪيو. بل گيٽس ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ ان سلسلي ۾ ذاتي دلچسپي وٺندو.