پاڪستان هاڻي پائيدار ترقي جي شاهراهه تي گامزن ۽ دنيا سان بزنس لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

پاڪستان هاڻي پائيدار ترقي جي شاهراهه تي گامزن ۽ دنيا سان بزنس لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

ڊيووس (پاکستان نیوز پوائنٹ 19نوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان هاڻي پائيدار ترقي جي شاهراهه تي گامزن ۽ دنيا سان بزنس لاءِ تيار آهي، سيڙپڪار دوست پاليسين سبب دنيا جو ڪو به وڏو سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي ضايع نٿو ڪري سگهي، پاڪستان دنيا جي ڪاروبار جي لاءِ بهترين منزل آهي، هو گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي ابراج گروپ طرفان ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ دنيا جي مشهور ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته جاگرافيائي جي لحاظ کان اهميت رکندڙ پاڪستان هاڻي سياسي طور تي مستحڪم آهي، اها دنيا جي ڇهين وڏي آبادي جو حامل آهي، جنهن جي 8 ڪروڙ آبادي وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي ۽ الله تعاليٰ ان کي بهترين انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال رکيو آهي. هن ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ اقتصادي بهتري مان فائدو وٺڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ادارن کي وڌيڪ مضبوط ۽ جمهوري بڻائي رهي آهي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جي موقعي تي کيس عالمي مفڪرن، پاليسي سازن ۽ بزنس ليڊرن سان ملاقات جا وسيع موقعا ميسر آيا آهن جيڪي عوام جي مستقبل جي هڪ شڪل آهن، هن چيو ته امن ۽ استحڪام کانسواءِ ترقي جو خواب شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي، هن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۽ حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو، بغير حصيداري ۽ تعاون کانسواءِ اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون، اها هڪ اهڙي سوچ آهي ته منهنجو يقين آهي ته ان کي عالمي، علائقائي ۽ قومي سطح تي اختيار ڪري نه رڳو اسان پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا پر هڪ اهڙو سازگار ماحول به بڻائي سگهون ٿا جنهن سان دنيا جي معيشت کي نئين بلندين تائين همڪنار ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم ٻڌايو ته 2013ع ۾ جڏهن هن وزارت عظميٰ سنڀالي ته سندس حڪومت معيشت کي درپيش چئلينجن سان موثر انداز ۾ منهن ڏنو آهي، جنهن ۾ توانائي جي کوٽ، ناڻي واڌ جو دٻاءُ، ايڪسچينج اگهه ۾ لاها چاڙها ۽ نازڪ سيڪيورٽي صورتحال شامل هئي، اڄ اسان جي حڪومت خراب عالمي اقتصادي صورتحال جي باوجود معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي، اسان وڏن چئلينجن جي باوجود مائيڪرو اڪنامڪ آڊٽ لنڪ جي بهتري ۽ پائيداري جي لاءِ ڪوششن کي اولين ترجيح ۾ رکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال تسلسل سان بهتر ٿي رهي آهي، 2013ع ۾ مجموعي واڌ ويجهه 3 سيڪڙو هئي، جيڪا موجوده سال دوران 5.5 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته گذريل ساڍن ٽن سالن دوران حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سڌارن جو آغاز ڪيو آهي، حڪومت جي خصوصي توجهه ٽيڪنالاجي، توانائي، جديد انفرااسٽرڪچر ۽ بئنڪن ۾ منافعي جي شرح ۽ ڇوٽ ۾ گهٽتائي جي باوجود وڪري جوڳي انويسٽمينٽ ماحول تي هئي. محمد نواز شريف چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جو ڪامياب آپريشن شروع ڪيو، جيڪو دنيا جو ڪامياب ترين آپريشن چئي سگهجي ٿو، جنهن سان ٻن سالن ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستاني معاشرو برداشت تي ٻڌل آهي. پاڪستان اهڙي طرح محفوظ آهي جنهن طرح دنيا ۾ ڪا ٻي جڳهه محفوظ آهي، وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي ڪيترن ئي غريب دوست قدمن جو آغاز ڪيو آهي. هن چيو ته سندس حڪومت کي ان حقيقت جو چڱي ريت ڄاڻ آهي ته قومون ان وقت ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿي سگهن ٿيون جڏهن ان جي عوام حڪومت سان گڏوگڏ ترقي جي سفر ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هجي، هن چيو ته پاڪستان جو ويزن 2025ع پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي آهي ۽ پاڪستان دنيا جي 25 هين وڏي معيشتن ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته 2018ع کان 2025ع جي وچ ۾ پاڪستان جي ترقي جي شرح 8 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف آهي، هن ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران مالياتي خسارو 8.6 سيڪڙو کان گهٽ ٿي ڪري 4.2 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 9.8 سيڪڙو کان وڌي 12.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته انويسٽمينٽ ٽو جي ڊي پي جي شرح 14.9 سيڪڙو کان وڌي ڪري 15.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي، هن چيو ته آڪٽوبر 2015ع ۾ ناڻي واڌ 1.6 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، هاڻي 3 سيڪڙو آهي، صنعتي شعبي ۾ ترقي 6.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته ٽيڪسن ۾ ڇوٽ، ٽيرف ۾ گهٽتائي، انفرااسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن جي سهولتن ۾ اضافي ۽ روشن خيال سيڙپڪار پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان هڪ پرڪشش مقام آهي. سيڙپڪاري پاليسي 2013ع ۾ خصوصي اقتصادي زون ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار جي لاڳت ۾ گهٽتائي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻاهر سڌو سنئون سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي سگهي. جڏهن ته ان کي مڪمل قانوني تحفظ به ڏنو ويو آهي، هن چيو ته ايئر لائين بئنڪنگ، زراعت ۽ ميڊيا جي شعبن کانسواءِ ٻين سڀني شعبن ۾ فارن ايڪيوٽي، سيڙپڪاري جي لاءِ گهٽ کان گهٽ حد مقرر ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج عالمي مارڪيٽن جي مقابلي تي اچي وئي آهي، جنوري 2017ع ۾ پي ايس اي سئو انڊيڪس 49 هزار جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تازو ئي 40 سيڪڙو اسٽريٽجڪ شيئر هڪ چيني ڪنسوريشم کي وڪرو ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته پاڪستان کير پيدا ڪرڻ وارو دنيا جون چوٿون وڏو ملڪ جڏهن ته لائيو اسٽاڪ جي آبادي ۾ ٽيون وڏو ملڪ آهي، جڏهن ته پروسيسنگ يونٽس جي قيام لاءِ وسيع موقعن جو حامل آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو قومن جي خوشحالي ۽ رابطن جي لاءِ اهم علائقائي آغاز آهي، پاڪستان ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ چين ۽ سيٽرل ايشيا جي ترقي جي ٽن انجڻن جي وچ ۾ واقع آهي، جيڪو انهن علائقن جي ٽي ارب جي آبادي کي پاڻ ۾ جوڙڻ جو مرڪز آهي، هن چيو ته سي پيڪ گوادر کان ڪاشغر تائين رابطي جو زريعو هوندو ۽ اهو وچ ايشيا کي ڳنڍڻ جو ذريعو هوندو، هن چيو ته عالمي معاشي ادارا پاڪستان جي مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام کي بهتر درجو ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪن کي گهرجي ته هو منفي پروپيگنڊا ۾ اضافي ۽ نيشنلزم ۽ پروٽڪشن عزم بلند نعرن سان عالمگيريت کي روڪين، هن چيو ته اسان جمهوري نمائندگي ۽ هڪ مارڪيٽ اڪنامي جي هيٺين اصولن سان وابستگي ۽ پنهنجي عزم کان پوئتي نه هٽنداسين، ان موقعي تي سيڙپڪارن پاڪستان جي ڪامياب اقتصادي پاليسين کي ساراهيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:51