ملڪ جي دفاع جي حوالي سان پاڪ بحريه جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ جي دفاع جي حوالي سان پاڪ بحريه جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سامونڊي سرحدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع جي حوالي سان پاڪ بحريه جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن اها ڳالهه پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله سان سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. پاڪ بحريه جي سربراهه وزيراعظم کي بحريه جي پيشيوراڻي معاملن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪ بحريه اهم سامونڊي ٺڪاڻن جي حفاظت ۽ هر قسم جي خطرن جي خلاف ملڪ جي دفاع لاءِ تيار ۽ پوري طرح ليس آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته حڪومت پاڪ نيوي جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ سمورا گهربل قدم کڻندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:32