اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد جي ملاقات

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مواصلات جي شعبي ۾ مختلف منصوبن ۽ سڌارن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ايندڙ سالن ۾ ملڪ جو هر شعبو نئين ۽ مستحڪم پاڪستان جي علامت بڻجندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت قوم جي سرمائي کي امانت سمجهي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ مواصلاتي شعبي ۾ جدت ۽ انقلابي تبديليون آڻينداسين. اطلاعات واري وزير پاڪستان پوسٽ پاران موبائيل ايپ سروسز شروع ڪرڻ کي ساراهيو. مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته موبائيل ايپ وارو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ طرف انتهائي اهم قدم آهي. اي پي پي/ع – ک 17:50