انفارميشن گروپ ۽ رياستي ميڊيا جي ذميواري آهي ته اها رياست جي تشخص ۽ بيانيي کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائي، انفارميشن سروس اڪيڊمي، ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي اڪيڊمي کي ضم ڪري پاڪستان جي پهرين اسٽيٽ آف آرٽ ميڊيا يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

انفارميشن گروپ ۽ رياستي ميڊيا جي ذميواري آهي ته اها رياست جي تشخص ۽ بيانيي کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائي، انفارميشن سروس اڪيڊمي، ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي اڪيڊمي کي ضم ڪري پاڪستان جي پهرين اسٽيٽ آف آرٽ ميڊيا يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته انفارميشن گروپ ۽ رياستي ميڊيا جي ذميواري آهي ته اها رياست جي تشخص ۽ بيانيي کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائي، انفارميشن سروس اڪيڊمي، ريڊيو ۽ پي ٽي وي جي اڪيڊمي کي ضم ڪري پاڪستان جي پهرين اسٽيٽ آف آرٽ ميڊيا يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پاڻ ريڊيو ٽرانسميٽر ٺاهيندڙ ملڪ هو، هاڻي اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جو نوجوان نسل ميڊيا ٽيڪنالاجيز، پرفارمنگ آرٽ، تخليقي لکڻي، فلم ۽ ڊراما ٺاهڻ جو حصو بڻجي، ان جي لاءِ حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت ڀرپور موقعا فراهم ڪندي، امپورٽيڊ ڊرامن ۽ اشتهارن تي ٽيڪس هڻي رهيا آهيون، ففٿ جنريشن هائبرڊ وار کي منهن ڏيڻ لاءِ رياستي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافو لازمي آهي، رياستي ميڊيا جو نئين سري سان جائزو ۽ اي پي پي کي ڊجيٽيل ميڊيا تي منتقل ڪيو پيو وڃي، انٽرنيٽ جي تيز ٿيندڙ رفتار سان ميڊيا ۾ به جدت اچي رهي آهي، ايندڙ وقت ۾ ڊجيٽل تي دارومدار وڌندو، ايندڙ وقت آئيڊياز جو دور آهي، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا جو دارومدار به آئيڊياز تي ئي هوندو. هو خميس ڏينهن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ 35 هين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شفقت جليل، انفارميشن گروپ جي سينئر آفيسر ظهور برلاس، اي پي پي جي ايم ڊي قمرالله چوڌري، چيف انفارميشن ڪمشنر محمد اعظم سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا آفيسر به موجود هئا، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين انفارميشن گروپ ۾ شامل ٿيندڙ کي اسپيشلائيزڊ تربيتي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت انفارميشن گروپ کي ان جو جائز مقام ڏياريو آهي جهڙي طرح دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ايندڙ وقتن ۾ انفارميشن گروپ سمورن گروپس تي ٽيڪ اوور ڪري وٺندو، هن چيو ته گذريل ماضي جا دور فزيڪل طاقت، ڪانيٽنگ وار ۽ ائٽم بم جا دور هئا هاڻي ايندڙ دور آئيڊياز جو دور آهي، هن چيو ته ميڊيا جي موجوده صورتحال سبب گذريل 10 سالن دوران اسان کي جنهن رخ طرف ڏسڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي اسان ان تي ڪم ناهي ڪيو، ميڊيا حڪومتي اشتهارن تي نٿي هلي سگهي، حڪومت جي مفاد کان مٿانهون ٿي ڪري اشتهار نٿا ڏئي سگهجن، ڇو ته اشتهارن ۾ عوام جي ٽيڪس جي پسئي جو استعمال ٿئي ٿو، پي ٽي آءِ حڪومت هڪ هڪ پئسي کي جائز طريقي ۽ ضرورت موجب استعمال کي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته معاشي ترقي سان ميڊيا جي ترقي واڳيل آهي، پنجاب حڪومت بسنت ملهائڻ جي ڳالهه ڪئي ته هڪ مخصوص ميڊيا ان جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي، جڏهن اهڙيون سرگرميون ٿينديون ته ان ۾ معاشي سرگرميون به شامل ٿينديون، ميڊيا جي ترقي جي لاءِ معاشي مفادن سان گڏ ميڊيا جي مفادن کي ڳنڍڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي، هن چيو ته رياستي ميڊيا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، موجوده حڪومت رياستي ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سنسرشپ تي يقين نٿي رکي ان لاءِ حڪومت ٺهڻ کان فورن پوءِ رياستي ميڊيا تي سنسرشپ ختم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته انفارميشن سروسز اڪيڊمي، ريڊيو اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي اڪيڊمي کي گڏائي هڪ اسٽيٽ آف آرٽ پاڪستان ميڊيا يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، ان يونيورسٽي جا ٻه اسڪول به هوندا، ريسرچ ۽ ٽيڪنالاجي جا ٻه ڌار ڌار شعبا هوندا، جهڙي طرح 60ع جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو ٽرانسميٽر پاڪستان پاڻ ٺاهي سگهندو هو اهڙي طرح ميڊيا سان لاڳاپيل اوزار ٺاهڻ ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته هو ترڪيءَ ۽ ٻين ملڪن جي ڊرامن ۽ فلمن تي 100 سيڪڙو پابندي جي حق ۾ نه آهي، اهي ملڪ مهانگي ترين فلمون ۽ ڊراما ٺاهيندا آهن ۽ انهي شيءَ کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ڊرامن ۽ اشتهارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته مستقبل طرف ڏسڻ جي صلاحت رکندڙ ڪڏهن به ناڪام ناهن ٿيندا، اسان کي به جديد ٽيڪنالاجيز ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اطلاعات واري سيڪريٽري شفقت جليل چيو ته موجوده حڪومت پيشيوراڻي مهارت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين جي ذاتي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته تعليم يافته ۽ باصلاحيت انفارميشن آفيسر بهتر انداز ۾ پنهنجون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، انفارميشن آفيسرن جي پرڏيهي ملڪن ۾ مقرري جو عمل به ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته انفارميشن آفيسر درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال آڻين، اڄ پاس آئوٽ ٿيندڙ انفارميشن آفيسر اسان جو روشن مستقبل آهن، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ثريا جمال چيو ته انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جي تربيت جي لاءِ مختلف اسپيشلائيزڊ ڪورسز ڪرايا ويندا آهن جنهن جو مقصد انفارميشن گروپ جي آفيسرن کي ميڊيا جي جدت، ٽيڪنالاجيز ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي، هن ٻڌايو ته 35 هين اسپيشلائيزڊ تربيتي ڪورس جي 7 پروبيشنرز حصو ورتو، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪورس ۾ حصو وٺندڙ شاهد حبيب، محمد عمر فاران، ردا فاطمه، لاله رخ، عيشا امتياز، ساره ملڪ ۽ مريم خان ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا، انهن سمورن پروبيشنرز کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن پي آءِ ڊي، اي پي ونگ ۽ اي وي ونگ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.