جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ سزائون ٻڌائڻ کانپوءِ مخالف ڌر کي عوام ۽ معشت جي ياد ستائڻ لڳي آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ سزائون ٻڌائڻ کانپوءِ مخالف ڌر کي عوام ۽ معشت جي ياد ستائڻ لڳي آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ سزائون ٻڌائڻ کانپوءِ مخالف ڌر کي عوام ۽ معشت جي ياد ستائڻ لڳي آهي، خطري جون گهنٽيون وڄيون هيون ته عوام ڦرلٽ ڪندڙن کي اقتدار مان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، مخالف ڌر اڳواڻ اهڙيون پريس ڪانفرنسون ڪري قوم جي دولت ڦريندڙن جي ڏوهه ۾ شامل ٿي رهيا آهن، معاشي مسئلن جي حل لاءِ مخالف ڌر اڳواڻن کي آصف علي زرداري ۽ محمد نواز شريف جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ گهرجي، انهن کي اهو ٻڌائين ته ڦريل دولت واپس ڪن. ڪالهه خميس ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻن جي ميديا ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪاش عوام جو درد ۽ معيشت جي بدحالي انهن کي ان وقت ياد اچي ها جڏهن هو اقتدار ۾ هئا، انهن جي ئي پوکيل جو پوري قوم خميازو ڀوڳي رهي آهي، هنن معيشت جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون، ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، بي رحمي سان قوم جو سرمايو ڦريندڙ اڄ معصوم بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪن. هن چيو ته ڳالهيون ڪرڻ وارن کان مهمند ڊيم جي تعمير جو عملي قدم برداشت نه ٿي رهيو آهي، پنهنجا گهر ڀريندڙن کي عوام جي لاءِ ڊيم جو منصوبو هضم نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ان جي ديانتداري آهي، بدديانتي جي علامت بڻيل مشورو ڏيڻ بدران پنهنجي اعمالن تي ڌيان ڏين.