مهمند ڊيم جي تعمير جي حوالي سان ڪم جي شروعات اسان جي حڪومتي دور ۾ شروع ٿي: خواجه سعد رفيق

مهمند ڊيم جي تعمير جي حوالي سان ڪم جي شروعات اسان جي حڪومتي دور ۾ شروع ٿي: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مهمند ڊيم جي تعمير جي حوالي سان ڪم جي شروعات اسان جي حڪومتي دور ۾ شروع ٿي، مراد علي شاهه چونڊيل وڏو وزير آهي کانئس استعيفيٰ ڪيئن گهري سگهجي ٿي. خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊيمن جي سخت ضرورت آهي، مسلم ليگ (ن) ان جي مخالفت نه ڪري رهي آهي، جڏهن ته مهمند ڊيم جي تعمير جو ٺيڪو ڏيڻ جو عمل اسان جي دور ۾ شروع ٿيو، هن چيو ته ڊيسڪون کي ٺيڪو مليو آهي ته رزاق دائود کي وزارت وٺڻ ئي نه گهربي هئي، نواز شريف کي اهڙن ئي الزامن تي جيل ۾ وڌو ويو آهي ۽ اسان ٻنهي ڀائرن تي به بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، تحريڪ انصاف جي وزيرن تي به الزام آهن ڇا ڪنهن استعيفيٰ ڏني، مراد علي شاهه چونڊيل وڏو وزير آهي کانئس ڪيئن استعيفيٰ گهري سگهجي ٿي، هن چيو ته اهو سلسلو رڪجڻ گهرجي ٻي صورت ۾ سڀ سياستدان جيل ۾ هوندا، هاڻي شاهد خاقان عباسي جي خلاف شڪايت آئي آهي، هن چيو ته شيخ رشيد جا ريلوي جي حوالي سان مون تي الزام بي بنياد آهن، هن چيو ته احتساب جي قانون ۾ ترميم اڻٽر آهي، 90 ڏينهن جو ريمانڊ ختم ڪيو وڃي، ٽن مهينن ۾ نيب ريفرنس داخل ڪري وڌيڪ ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏي ٿو اهو ختم ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته گهوسٽ درخواست ڏيڻ جو سلسلو روڪيو وڃي، اسان ته ڀوڳي ورتو جيڪڏهن تحريڪ انصاف ترميم نه ڪئي ته ڀوڳيندي، جيڪڏهن سياستدانن هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ وجهڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، ادارن سان ڳالهه ڪرڻي پوندي، قومي ايجنڊا ٺاهڻي پوندي، پاڪستان کي شديد خطرا درپيش آهن انهن جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي، هن چيو ته جنهن جو جيڪو ڪم آهي اهو ڪري نه ٿو، هر ڪوئي مقناطيس لڳائي طاقت ڇڪڻ چاهي ٿو، آئون ته جهانگير ترين کي نااهل ڪرڻ تي خوش نه هئس.