قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ معاملا طئي

قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ معاملا طئي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا جنهن موجب وزيراعظم جي حوالي سان استحقاق واري رٿ جو معاملو اسپيڪر جي صوابديد تي ڇڏيو ويو آهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ جماعت اسلامي جي پارليماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ ٿيو آهي ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ايوان ۾ مذمت ڪئي ويندي ۽ وزيراعظم جي حوالي سان استحقاق واري رٿ جي ڌرين کي خيالن جي اظهار جو موقعو ڏنو ويندو تنهن هوندي ته استحقاق واري رٿ جي حوالي سان فيصلو اسپيڪر جي صوابديد تي ڇڏيو ويو آهي، اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، صاحبزاده طارق الله، نويد قمر، آفتاب شيرپائو، شيخ رشيد احمد ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م17:51