صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ هر پاڪستاني جو پيدائشي حق آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ هر پاڪستاني جو پيدائشي حق آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ هر پاڪستاني جو پيدائشي حق آهي، بدقسمتي سان ڊگهي عرصي کان کين ان حق کان محروم رکيو ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ هن هدايت ڪئي ته قومي صحت پروگرام جو دائرو فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري ملڪ تائين وڌايو وڃي ۽ نگراني جو سخت نظام جوڙيو وڃي ۽ عملدرآمد جي سطح تي نااهلي جي خلاف سختي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي صحت جي پروگرام تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته صحت جي معياري ۽ سستي خدمتن جي جامع پيڪيج جي ذريعي غريب ترين ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته بيماريون ۽ غربت ڪنهن به غريب خاندان لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿين، اسان غربت ۽ بيمارين جي وچ وارو خطرناڪ تعلق ختم ڪنداسين. وزيراعظم نيشنل هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته ان پروگرام جو دائرو فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان تائين وڌايو وڃي ۽ نگراني جو سخت نظام جوڙيو وڃي ۽ عملدرآمد جي سطح تي نااهلي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ ان پروگرام تي عملدرآمد ڪندي ڇو ته خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جا ڏورانهن علائقا بيمارين جو وڌيڪ شڪار آهن ۽انهن علائقن ۾ غربت سبب ماڻهو علاج حاصل نٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري وسيلن جي بنا رنڊڪ ۽ مسلسل فراهمي لاءِ ان پروگرام تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي ۽ هو نٿي چاهي ته وسيلن جي کوٽ سبب ان اهم پروگرام تي عملدرآمد ۾ ڪا رڪاوٽ پيش اچي، ان تاريخي پروگرام ۾ تعاون لاءِ نادرا ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم عالمي صحت واري اداري، عالمي بئنڪ، جي آءِ زيڊ سميت قومي صحت پروگرام جي فني حصيدارن جا به ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، مريم نواز شريف، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار طارق فاطمي ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جو قومي صحت جو پروگرام اسلام آباد، ڪوئيٽا، لسٻيلا، لورالائي، مظفر آباد، ڪوٽلي، سڪردو، ديامير، رحيم يار خان، خانيوال ۽ نارو وال ۾ شروع ڪيو ويو آهي ۽ هيستائين ان ۾ 8 لک کان وڌيڪ ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ مختلف بيمارين جو شڪار 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي هدايت موجب پروگرام جو دائرو هاڻي پوري ملڪ ۾ وڌايو ويندو ۽ غريب ترين ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:30