پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا حقيقي سفير ۽ قيمتي سرمايو آهن: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر

پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا حقيقي سفير ۽ قيمتي سرمايو آهن: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا حقيقي سفير ۽ قيمتي سرمايو آهن ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار مانچسٽر ۾ رهندڙ پاڪستانين جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ يورپي يونين پارليامينٽ جي ميمبر سجاد ڪريم، واجد خان، ڊپٽي ميئر مانچسٽر عابد لطيف چوهاڻ، هاءِ شيرف گريٽر مانچسٽر ڊاڪٽر روبينه شاهه کانسواءِ مانچسٽر ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ پاڪستاني پارلياماني ۽ معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏئي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن پاڪستان ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام جي لاءِ برطانيا جي ڪردار کي ساراهيو، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ميمبر ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسد قيصر پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ديامر ڀاشا ڊيم فنڊ ۾ فراخدلاڻي عطين کي مثبت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن جي فوري تعمير جي ضرورت آهي، هن مانچسٽر ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڊيم فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ مانچسٽر سميت برطانيا جي شهرن ۾ مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ قيمتي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ موجوده حڪومت پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن کي سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين درپيش مسئلن جي حل لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪار دوست پاليسيون متعارف ڪرائي رهي آهي، هن پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي وڏن موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ زور ڀريو. اسد قيصر چيو ته يورپين پارليامينٽ جا ميمبر سجاد ڪريم، واجد خان، ميئر لنڊن صادق خان سميت ٻيا پاڪستاني ڄاوا برطانيا جي سياست ۾ پنهنجو ڪردار چڱي ريت ادا ڪري رهيا آهن ان کانسواءِ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني تعليم، صحت، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي سان هم آهنگي کي فروغ ملندو ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، انگلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري موجوده حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.