پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جون عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ سميت 8 ڊيلي ڪميٽيون قائم

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جون عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ سميت 8 ڊيلي ڪميٽيون قائم

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جون عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ سميت 8 ڊيلي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب سينيٽر شبلي فراز جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي 10-2009ع، سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 11 -2010ع، شاهده اختر علي جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 13 -2012ع، فخر امام جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 14 -2013ع، سينيٽر شيري رحمان جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 15 -2014ع، سيد نويد قمر جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 16 -2015ع، نور عالم خان جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي 17 -2016ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي. جڏهن ته سموريون ذيلي ڪميٽيون مرڪزي پي اي سي کي پنهنجون رپورٽون موڪلينديون، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد ۽ انهن جي مانيٽرنگ جي لاءِ ٺاهيل ذيلي ڪميٽي جي سربراهي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر رانا تنوير حسين ڪندو۔