ڪنهن به قوم جي لاءِ قومي زبان اتحاد جي ضامن هوندي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

ڪنهن به قوم جي لاءِ قومي زبان اتحاد جي ضامن هوندي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪنهن به قوم جي لاءِ قومي زبان اتحاد جي ضامن هوندي آهي، باوقار قومون سدائين پنهنجي قومي زبان جو دفاع ڪندي نظر اينديون آهن، اردو اسان جو قومي، تاريخي ۽ ادبي سرمايو آهي ۽ ان کي هر شعبي ۾ لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن قومي زبان جي فروغ واري اداري پاران ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. صدر چيو ته جديد گهرجن تحت انگريزي زبان تي مهارت ضرور حاصل ڪئي وڃي پر قومي زبان کي به ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ اهڙو متوازن تعليمي نظام جوڙڻ گهرجي جيڪو قومي امنگن موجب هجي ۽ عالمي ۽ علمي ضرورتن کي به نظر ۾ رکندو هجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته زبان ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي ان لاءِ اردو جي ترقي لاءِ پاڪستان جي هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.