ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28جنوری2016ء) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ قرضن جي انظام ۽ انصرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ڊيٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ناڻي واري وزير کي قرضن جي انظام ۽ انصرام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن گذريل ٽن سالن دوران ڊيٽ پاليسي ڪوآرڊينيشن آفيس ۾ آندل سڌارن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقو اختيار ڪرڻ سان ڊيٽ مئنيجمينٽ ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ سرڪاري قرضن جي پروفائيل ۾ بهتري ٿي آهي. هن چيو ته عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جو اعتراف ڪيو آهي. هن ڊيٽ پاليسي ڪوآرڊينيشن آفيس جي ڪوششن کي ساراهيندي بهترين عالمي معيارن ۽ طريقن تي عمل پيرا ٿي قرضن جي انظام ۽ انصرام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن قرضن جي انظام ۽ انصرام ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت، اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي پاڻ ۾ ويجهو رابطو رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت، ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:09