وزيراعظم پاران نئين چيني سال جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار

وزيراعظم پاران نئين چيني سال جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف نئين چيني سال جي موقعي تي چين جي عوام، حڪومت ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ حصيداري سبب پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هاڻي مضبوط کان مضبوط ٿي چڪا آهن ۽ اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو جي نئين قمري سال شروع ٿيڻ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. واضح رهي ته چين ۾ نئين سال جي شروعات هڪ اهم چيني فيسٽيول آهي جيڪو هر سال جي شروع ۾ ملهايو ويندو آهي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 15:56