قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس سومر تي ٿيندو

قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28جنوری2016ء) قومي اسيمبلي ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ ايوان جي ڪارروائي بهتر انداز ۾ هلائڻ ۽ خميس ڏينهن ٿيندڙ هنگامي جي ذميوارن جي تعين جي لاءِ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس سومر تي ٿيندو. اجلاس ٽپهر 3 وڳي اسپيڪر چيمبر ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايوان جي تقدس کي برقرار رکڻ جي لاءِ ضابطه اخلاق تي پڻ غور ٿيندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:11