پاڪستان ايران سان ثقافتي وفدن ۽ ماڻهن سان رابطن کي وڌائڻ سميت مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو: مريم اورنگزيب

پاڪستان ايران سان ثقافتي وفدن ۽ ماڻهن سان رابطن کي وڌائڻ سميت مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ايران سان ثقافتي وفدن ۽ ماڻهن سان رابطن کي وڌائڻ سميت مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنر دوست جمعي ڏينهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته ثقافتي رابطن کي وڌائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايران جي حڪومت طرفان کنيل ڪنهن به قدم جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي پنهنجي عوام کي هڪٻئي جي ثقافت کان متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ايران کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ پاڙيسري سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ڀائر ملڪن جي پهرين کان موجود مضبوط لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ملاقات دوران مملڪتي وزير ۽ ايران جي سفير مهدي هنر دوست ميڊيا، انفارميشن ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مملڪتي وزير ۽ ايراني سفير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ميڊيا، مواصلات ۽ نشريات جي شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ سگهه جي ضرورت آهي، مملڪتي وزير فلمن، ڊرامن ۽ ڊاڪٽومينٽريز جي شعبن ۾ گڏيل پروڊڪشن لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسلن کي هڪٻئي جي ثقافت ۽ قدرن کان متعارف ڪرائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ اضافو ضروري آهي. ان موقعي تي ايران جي سفير مملڪتي وزير کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 21:49