قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جي موبائيل فون وسيلي وڊيو بڻائڻ تي پابندي لاڳو

قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جي موبائيل فون وسيلي وڊيو بڻائڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خميس ڏينهن قومي اسيمبلي هال ۾ تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ميمبرن جي وچ ۾ منهن ماري جي واقعي جا فوٽيج چيئنلز تي جاري ٿيڻ کانپوءِ موبائيل فون جي ذريعي اسيمبلي جي ڪارروائي سميت ٽي وي چئنل کان وڊيو بڻائي چئنلز تي جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. اسپيڪر آفيس موجب ايوان ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، ان معاملي سان پوري دنيا ۾ ڪو به بهتر تاثر ناهي ويو، ان معاملي کي چئنلز جي ذريعي آن ايئر ڪرڻ سان ملڪ جي وقار تي ضرب لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي بنياد تي آئنده ايوان جي ڪارروائي سڌي سنيئن يا ٽي وي مان موبائيل وڊيو بڻائي چئنلز تي جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پابندي کانپوءِ جيڪڏهن ڪو چينل ان طرح جا ناخوشگوار ڪنهن به قسم جي واقعي جي فوٽيج جاري ڪندو ته ان جي خلاف انضباطي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 21:53