مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ پاڻي جي ضايع کي روڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ پاڻي جي ضايع کي روڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي ڏس ۾ پاڻي جي ضايع کي روڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ملڪ کي درپيش مسئلن تي ڪاميابي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ڪتب آندا آڻي رهي آهي، حڪومت ويزن 2025ع ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هو جمعي ڏينهن هتي حصار فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ قومي واٽر پاليسي فريم ورڪ جي حوالي سان تجويزن تي مشتمل رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستاني پارليامينٽ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو، پارليامينٽ جي ميمبرن تي ٻڌل ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس صاف پاڻي، ايڊز ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي، مملڪتي وزير چيو ته پارليامينٽ ۾ موسمياتي تبديلين بابت معاملن تي به ڪم ٿي رهيو آهي جڏهن ته پارليامينٽ کي آبادي جي وڌندڙ مسئلن جو به ادراڪ آهي، هن چيو ته حڪومت انهن سمورن چئلينجن کي اڪيلي نٿي منهن ڏئي سگهي، ان لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مملڪتي وزير چيو ته ڪنهن به معاملي ۾ پارليامينٽ ميمبرن تي الزام ڏيڻ درست نه آهي، تنقيد براءِ تنقيد بدران تعميري تنقيد سان معاملا درست رخ ۾ هلڻ شروع ٿي ويندا آهن. هن چيو ته حڪومت جي هدايت تي هلندڙ سال آدمشماري جو انعقاد ٿي رهيو آهي، ان سان آبادي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ غذائي کوٽ تي ڪامياب ڪانفرنس جو انعقاد ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ فيبروري يا مارچ ۾ آبادي بابت ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سول سوسائٽي کي به گهرايو ويندو، هن بامعنيٰ پروگرام جي انعقاد تي حصار فائونڊيشن، سيما طاهر خان ۽ پوري ٿنڪ ٽينڪ کي مبارڪباد ڏني، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته حصار فائونڊيشن پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ پارليامينٽ کان به تعاون وٺي سگهي ٿي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 21:44