قومي اسمبلي ۾ هنگامي آرائي جو واقعو افسوسناڪ آهي معاملي جي حل لاءِ سومر ڏينهن ٻيهر اجلاس گهرائينداسين: سردار اياز صادق

قومي اسمبلي ۾ هنگامي آرائي جو واقعو افسوسناڪ آهي معاملي جي حل لاءِ سومر ڏينهن ٻيهر اجلاس گهرائينداسين: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسمبلي ۾ هنگامي آرائي جو واقعو افسوسناڪ آهي معاملي جي حل لاءِ سومر ڏينهن ٻيهر اجلاس گهرائينداسين، تحريڪ انصاف جي شهريارآفريدي جي ميمبرشپ معطل آهي، اجنبي کي ايوان ۾ نه اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن سمورن پارلياماني پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هي اجلاس پارليامينٽ ۾ خميس ڏينهن تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اسيمبلي ميمبرن جي وچ ۾ هنگامي جي واقعي تي گهرايو ويو هو، سردار اياز صادق چيو ته اسيمبلي جي تقدس کي يقيني بڻائڻ سمورن ميمبرن ۽ پارٽين جو فرض آهي، پر هي واقعو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، اياز صادق چيو ته اجلاس جي سمورن شرڪت ڪندڙن جي راءِ اها ئي آهي ته ٻنهي طرفن کان زيادتي ڪئي وئي، ان جو ازالو ٿيڻ گهرجي، ايوان جو تقدس پائمال نه ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جي ميمبرن جي عزت جي سلسلي ۾ سمورين پارٽين طرفان تمام گهڻيون ڌار ڌار تجويزون آيون آهن، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو آهي ته سومر ڏينهن ٽي وڳي ٻيهر اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾سموريون پارلياماني پارٽيون خيالن جو اظهار ڪنديون، انهن پارٽين جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي ويندي ته هو پنهنجي پنهنجي پارليامينٽ جي ميمبرن کي غير شائسته ۽ غير پارلياماني زبان جي استعمال کان روڪڻ جو پابند بڻائين ته جيئن آئنده اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي. هن چيو ته سومر ڏينهن اجلاس کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون اجلاس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ايوان کي مون تي اعتماد ناهي ته آئون استعيفيٰ ڏيان ٿو تنهن هوندي به اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن جي راءِ آهي ته معاملو حل ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهريار آفريدي جي ميمبرشپ معطل آهي، هو ايوان ۾ ڪيئن آيو ان جو به جائزو وٺنداسين، ڪنهن اجنبي کي ايوان ۾ نه اچڻ گهرجي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 16:53