پاڪستان جي سياست ۾ انتهاپسندي جي آغاز جي ذميدار پاڪستان تحريڪ انصاف آهي: محسن شاهنواز رانجها

پاڪستان جي سياست ۾ انتهاپسندي جي آغاز جي ذميدار پاڪستان تحريڪ انصاف آهي: محسن شاهنواز رانجها

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات جي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ انتهاپسندي جي آغاز جي ذميدار پاڪستان تحريڪ انصاف آهي. پاناما ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان موقعي تي وزيراعظم جي خلاف استحقاق واري رٿ نٿي آڻي سگهجي. جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ ۾ هنگامي آرائي جي مذمت ڪريون ٿا، گاريون ڏيڻ ۽ غلط زبان استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي، هن چيو ته ايوان ۾ سڀ ميمبر تعليم يافته آهن جيڪڏهن مخالف ڌر جي بينچن مان ميمبر ڳالهائيندا آهن ته حڪومتي بينچن تان به ميمبرن کي جواب ڏيڻو هوندو آهي ائين ناهي هوندو ته مخالف ڌر تقرير ڪري ۽ حڪومتي بينچز جا ميمبر خاموش رهن. هن چيو ته پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي عمران خان عدالت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ صبح 9 وڳي ميڊيا تي تقرير شروع ڪري ڏيندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ ۽ غير پارلياماني زبان استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 16:45