پرڏيهي وزارت پاران والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ حڪومت طرفان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪارڪردگي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

پرڏيهي وزارت پاران والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ حڪومت طرفان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪارڪردگي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27جنوری2016ء) پرڏيهي وزارت والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ حڪومت طرفان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪارڪردگي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته برهان مظفر واني جي شهادت کانپوءِ 10 جولاءِ تي وزيراعظم ۽ پرڏيهي آفيس طرفان شهرين جي خلاف فورسز جي ظلمن جي ڀرپور مذمت جو بيان جاري ڪيو ويو، 11 جولاءِ تي ڀارت هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي احتجاج ڪيو ويو، انهي ڏينهن پرڏيهي ملڪ پاڪستاني مشنز کي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، 12 جولاءِ تي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن جي سفيرن کي پرڏيهي سيڪريٽري بريفنگ ڏني، 13 جولاءِ تي يورپي يونين ۽ او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي، 15 جولاءِ تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي 20 جولاءِ کي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آفريقي يونين ۽ وچ اوڀر جي سفيرن کي انهي ڏينهن بريفنگ ڏني وئي، ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ سمورن عالمي ادارن کي خط لکيا ويا، 20 جولاءِ تي ڀارتي ظلمن جي خلاف پاڪستان ۽ پرڏيهي ملڪ پاڪستاني مشنن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، 22 جولاءِ 2016ع تي جنيوا ۾ اسان جي مستقل نمائندي ڊي جي آءِ سي آر سي کي خط لکيا، 4 آگسٽ 2016ع تي زخمي ماڻهن جي علاج جي لاءِ ايم ايس ايف جي صدر کي وزيراعظم جي صلاحڪار خط لکيو، 5 آگسٽ تي وزيراعظم ايل او ڪي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ يو اين جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر کي خط لکيا، 6 آگسٽ تي وزيراعظم عالمي برادري جو ڌيان پيلٽ گنز جي متاثرين جي طبي علاج طرف ڏياريو، 8 آگست تي عرب ملڪن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پرڏيهي صلاحڪار عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو، 11 آگسٽ تي بين الاقوامي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾زخمين کي طبي امداد ۾ توسيع جي لاءِ ڌيان ڇڪايو ويو. 19 ۽ 20 آگسٽ تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ڪشميرين جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي، 26 آگسٽ تي ڀارتي ظلمن تي پي فائيو ملڪن ۽ يورپي يونين جي سفيرن کي بريفنگ ڏني وئي، 27 آگسٽ تي دنيا جي 11 اهم گادي وارن شهرن جي 22 خصوصي سفيرن کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي، 29 آگسٽ تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو ۽ ڪشمير ۾ فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلڻ تي زور ڏنو، پاڪستان 13 کان 30 سيپٽمبر 2016ع جي دورا انساني حقن واري ڪائونسل جي 33 هين اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو، 17 سيپٽمبر تي وزيراعظم انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مستقل ميمبر ملڪن جي سربراهن کي خط لکيا، 19 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس سان گڏ او آءِ سي رابطا گروپ جو به اجلاس به منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي صدر به شرڪت ڪئي ۽ ڀارتي ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، 21 سيپتمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71هين اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ ٻه طرفي اجلاسن ۾ ڪشمير جو مسئلو اٿاريو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين اهم ماڻهن کي والاريل ڪشمير ۾ سنگين خلاف ورزين تي هڪ دستاويز به پيش ڪئي، 3 آڪٽوبر تي پارلياماني پارٽين جي ڪل پارٽي ڪانفرنس منعقد ڪري ڪشمير جي عوام جي خودمختياري واري حق تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو، 5 آڪٽوبر تي گڏيل پارلياماني اجلاس منعقد ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بحث ڪرايو ويو، 18 آڪٽوبر تي انقره، ترڪي ۾ او آءِ سي جي پارلياماني يونين جي انتظامي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ۽ گڏيل پڌرنامو منظور ڪيو ويو، 19 آڪٽوبر تي تاشقند ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي 43 هين اجلاس ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي وئي، 27 آڪٽوبر تي سري نگر ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، 3 نومبر تي وزيراعظم جي خاص مددگار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي ملڪن جي سفيرن کي بريفنگ ڏني. 4 نومبر 2016ع تي پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار پي فائيو ملڪن جي سفيرن کي بريفنگ ڏني. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 17:11