انساني وسيلن تي سيڙپڪاري پائيدار ترقي جي ضامن آهي: صدر ممنون حسين

انساني وسيلن تي سيڙپڪاري پائيدار ترقي جي ضامن آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته انساني وسيلن تي سيڙپڪاري پائيدار ترقي جي ضامن آهي، تعليم اهو واحد ذريعو آهي جيڪو انسان جو مستقبل حال کان بهتر بڻائي سگهي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته معيشت سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ بدلجندڙ قدرن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تعليمي طريقيڪار ۾ به انقلابي تبديليون متعارف ڪرايون وڃن ۽ تعليم کي تحقيق سان ڳنڍي نوجوانن جي لاءِ علم جا دروازا کوليا وڃن. صدر اها ڳالهه ايئر يونيورسٽي ۾ ”قومي معيشت جي ترقي ۾ تعليم جو ڪردار“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. جنهن ۾ ايئر مارشل فاروق حنيف، ايئر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، ايئر وائيس مارشل (ر) فائز امير ۽ معزز مهمانن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته علم جي فروغ لاءِ بحث جي آزاداڻي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آزاد بحث جي ذريعي ئي قومن تي ترقي جو دروازو کلي سگهي ٿو، هن چيو ته قومي وسيلن جي کوٽ سبب خواهش جي باوجود تعليم تي وڌيڪ وسيلا خرچ نه ٿي رهيا آهن تنهن هوندي به حڪومت تعليمي شعبي تي سمورا دستياب وسيلا خرچ ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ افرادي قوت جي تياري تي سيڙپڪاري ڪري پائيدار ترقي جو بنياد رکي سگهجي. هن چيو ته انساني معاشري کي ڪارآمد ۽ مفيد بڻائڻ جو واحد ذريعو تعليم آهي جيڪي قومن کي اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري پاڻ ڀاڙڻ جي منزل تي آڻي بيهاريندي آهي، موجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن ۽ ان لاءِ اڻٽر آهي ته اسان جو اعليٰ تعليم جو شعبو تعليم ۽ تحقيق جي معاملن تي هڪجهڙو ڌيان ڏئي ته جيئن معاشري کي سائنسي بنيادن تي مستحڪم ڪري پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته جيڪڏهن ماضي ۾ سرڪاري وسيلن جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهتو پر هاڻي پاڪستان ترقي طرف گامزن آهي، هن چيو ته برو وقت گذري ويو، ملڪ جي ترقي ۽ عروج جو زمانو آهي، پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي بهتري کي عالمي ادارن به ساراهيو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو اسان جي لاءِ خوشي جوڳو آهي، هن چيو ته بدعنوان عنصر بدعنواني جي خلاف وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن ان لاءِ قوم کي اهڙن بازيگرن کان هوشيار رهڻ گهرجي هي ماڻهو پاڪستان جي ترقي جا دشمن آهن ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پرڏيهي سيڙپڪاري کان خوفزده آهن، صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري خطي جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، ايندڙ ڪجهه سالن جي دوران پاڪستان خطي جو سڀ کان اهم ملڪ بڻجي ويندو ۽ پاڪستان جا رٺل دوست حالتن کي سمجهي جلد اسان سان ملندا، اسان کي ان مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي، صدر چيو ته دنيا ۾ گهڻي تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن ۽ انهن تبديلين سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ وطن جي لاءِ پيدا ٿيندڙ تازن امڪانن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين ته اسان ترقي يافته قومن کان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين، هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو ۽ قومي منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي ختم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته نوجوان نسل مستقبل کي ڏسندي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن ڇو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، صدر چيو ته نئين نسل کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد فرد بڻائڻ جي لاءِ تعليمي نظام ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي ته ڇو ته هي ڪافي نه آهي ته نوجوان ڪنهن خاص شعبي علم تي عبور حاصل ڪري مطئمن ٿي وڃن پر هاڻي انهن جي لاءِ هي به ضروري آهي ته هو درپيش صورتحال جو منطق جي اصولن تحت جائزو وٺي پاڻ نتيجا ڪڍڻ جي قابل ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ استادن جي به ذميداري آهي ته هو به تعليم جي شعبي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جو ادراڪ ڪندي پنهنجي حڪمت عملي ۾ بهتري آڻين ته جيئن اڄ جو نئين نسل بُري ۽ ڀلي جو فرق سکي زماني سان گڏ هلڻ جو هنر سکي سگهي. صدر ممنون حسين ان موقعي تي ايئر يونيورسٽي ۾ ڪارپس ريسرچ سينٽر جو افتتاح به ڪيو، صدر چيو ته ايئر يونيورسٽي قومي تعليمي ميدان ۾ انتهائي مختصر عرصي ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. جتي نئين نسل کي جديد خطوط تي مختلف علم ۽ فن جي تعليم ڏني پئي وڃي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 15:13